شاهه قاسم بيگلار2

شاهه قاسم بيگلار (ماڳ)2: شاهه قاسم بيگلار جو ماڳ تورڪي قبرستان لڳ نصرپور ۾ واقع آهي. هيءُ ماڳ ارغون ترخان دور سان تعلق رکي ٿو. امير شاهه قاسم بن ابو بيگ بن چوچڪ بيگ سمرقند جو ويٺل سادات هو. ارغونن سان ناناڻو ناتو هئس. تاريخي لحاظ کان اهو زمانو همايون ۽ شير شاهه سوريءَ جي ويڙهه وارو هو. جڏهن همايون شڪست کائي سنڌ تي ڪاهيو ته جوڻ وٽ شاهه حسن ارغون ۽ همايون جي فوجين وچ ۾ ويڙهه ٿي، جنهن ۾ شاهه قاسم قتل ٿي ويو. هي واقعو سال 950 هجريءَ جو آهي.
شاهه قاسم بيگلار جي پٽ مير ابوالقاسم سلطان جي مصاحب ادراڪي بيگلار، شاهه قاسم جي دور جي جنگي معرڪن کي ‘بيگلار نامه’ نالي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو